ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جو اينگرو فرٽيلائز ڏهرڪي تي ڇاپو

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جو اينگرو فرٽيلائز ڏهرڪي تي ڇاپو

Size
Price:

Read more

Sojhro_News

 گهوٽڪي رپورٽر (اسماعيل ڪلهورو)  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جو اينگرو فرٽيلائز ڏهرڪي تي ڇاپو، ڪورونا وائرس جي پيش نظر ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، 8 لک روپيا ڏنڊ لاڳو، ميس هال، فوڊ اسٽريٽ ۽ ڪمرشل ايريا سيل. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي رضوان نظير کي ساڻ ڪري اينگرو فرٽيلائزر ڏهرڪي تي ڇاپو هڻي، ڪورونا وائرس جي پيش نظر سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪاوڙ اظهار ڪندي مٿن 8 لک روپيا ڏنڊ هڻي، ميس هال، ڪمرشل ايريا ۽ فوڊ اسٽريٽ کي سيل ڪري ڇڏيو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي جي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران  جاري ڪيل يس او پيز تي عمل نه ڪندڙ صنعتي ادارن خلاف سخت ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جي پيش نظر ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائن ۽ عمل نه ڪندڙ ادارن مٿان ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيا وڃن. هن چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ضلعي انتظاميه جو فرض آهي انڪري سمور ادارا قانون جي پاسداري ڪري ايس او پيز تي عمل ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت قانوني ڪارروئي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اينگرو کي هدايت ڪئي وئي آهي ته شٽ ڊائون دوران جيڪا ليبر گهرائي وڃي انهن کي آئسوليٽ ڪري سندن ڪورونا چڪاس جو بندوبست ڪيو وڃي

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *