امر جلیل

امر جلیل

Size
Price:

Read more


 امر جليل جي وڊيو سامهون گذري هن چيو ته مولوي اسپيڪر تي آزان ڇو ڏيندا آهن ڪو بيمار پيو هوندو آهي ڪنهن کي آفيس وڃڻو هوندو آهي هن جي ننڊ حرام ٿي ويندي آهي 

مونتي گهڻا ئي ناراض ٿيندا ۽ مونتي فتويٰ جاري ڪندا ته مان ملان آهيان مولوي هجڻ به رب پاڪ جي مهرباني هوندي آهي الله پاڪ جنهن کي پسند ڪندو آهي هن کي پنهنجي گهر ڏانهن گهرائيندو آهي مونتي ڪجھ شاعرن پاران اهڙيون فتوائون جاري ڪيون هيون ته هي اسان سان گڏ ڇو آهي  هي مذهبي ماڻهو آهي ۽ مونکي پري رکيو ويو آهي خير جيڪو ٿيئڻو هوندو ٿيندو پر مان مسلمان آهيان منهنجي قلم هي جواب نه ڏيئي سگهي ته ڪهڙي ڪم جي هاڻي اسان کي هن ماڊرن دور جي ماڻهن کي اها خبر به ناهي ته هن دنيا ۾ اسان جو اچڻ ڇا لاء آهي ڪنهن به طريقي دولت گڏ ڪرڻ هر برو ڪم ڪرڻ ڪلبن تي وڃي ٽپا ڏيڻ موسيقي جون محفلون سجائڻ هزارين ماڻهو گڏ ڪري رب پاڪ جنهن اسان کي خلقيو آهي هن جي خلاف ڳالهائڻ ۽ ٻڌندڙ هن تي تاڙيون وڃائن هي هڪ امر جليل نه پر اهڙا ڪئي اديب آهن جيڪي اهڙيون واحياتيون ڪندا آهن مان پاڻ شاعر، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ آهيان منهنجا چار نثري ڪتاب ۽ ٻن شاعري جي گڏيل مجموعن ۾ غرل وايون به ڇپيل آهن اخبارن ۾ ته گهڻو لکيو آهي پر جڏهن مان لکندو آهيان مونکي خوف هوندو آهي الله نه ڪري مونکان ڪجھ اهڙو لکجي وڃي جنهن سان قبر ڪاري ٿئي پر گهڻا هٿ سان ڪن پيا هي تحرير تقدير هوندي آهي جيڪو اوهان جا ڪاتبين گڏ ڪندا آهن امر جليل جي آذان تي ڪاوڙ مومن جي آذان سان دل ٺرندي آهي ۽ منافق جو اندر سڙندو آهي مان هڪ جنرل ڳالھ ڪيان ٿو شيطان جڏهن آذان ٿيندي آهي ايترو پري ڀڃي ويندو آهي متان منهنجي ڪن تي ڪا آذان پهچي ۽ مومن آذان جي اچڻ سان خوش ٿيندو آهي ۽ ڪارو بار ڇڏي نماز ڏانهن هليو ويندو مان شهر ۾ ڪجھ سال اهڙي نئين ڪالوني ۾ رهيس جتي ويجھو مسجد نه هئي ۽ حقيقت پڇو ڀلين مان نماز گهٽ پڙهندو هجان آذان جي نه اچڻ سان سڪون نه ايندو هو ۽ اتان وري شهر جي ويجهو اچي ويٺا سين۔ بيمار جي لاء ته نماز شفاء آهي اوهان انگريزن کان نماز جا فائده پڇو هو چوي ٿو ته مسلمان اگر صحيح نموني نماز پڙهي نه هن کي بيماري نه لڳندي ۽ نه هن کي ڪا ٻي ورزش جي ضرورت آهي رب پاڪ نماز ۾ انسانذات لاء هن جهان ۽ آخرت لاء فائدا رکيا آهن ٻيو ته ماڻهن کي سويري ڪم ڪار تي وڃڻو هوندو آهي اوهان اهو ٻڌايو شهر وارو ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو ٻارهن بجه کان پهريون سمهندو آهي آذان وڌ ۾ وڌ ساڌا اٺ بجه تائين ۽ هن دنيا ۾ ڇا سمهڻ لاء موڪليو ويو آهي ها اڪثر پروگرام نماز جو احترام ڪندي  دير سان شروع ٿيندو آهي يا ٽي وي تي ڪو ڊرامو يا پسند جو پروگرام هلندڙ هوندو آهي ٽي وي جو آواز گهٽ ڪرڻو ٿو پوي تنهن لاء هي آذان ۾ تڪليف ٿيندي آهي هنن کي من پرسون سي پاپي تها افسوس نمازي بن نه سڪا اوهان کي الله پاڪ موقعو ڏنو آهي اوهان ته اسلام جا پيروڪار ٿي وڃو ها پر افسوس ٿيندو آهي سنڌي اديب تي لعنتون پون فيس بڪ توڙي عوامي زبان تي اوهان کي غلط ڳالهايو وڃي ٿو چند ماڻهن کان سواء هر ماڻهو اوهان کي غلط نظر سان ڏسڻ لڳو آهي ٺاهڻ ۾ ڪئي سال لڳي ويندا آهن ڊراهڻ ۾ پل نه لڳندو آهي جيڪو ٿيو آهي وڏو ڀيانڪ ٿي ويو آهي ۽ تاريخ توکي الاء ڪهڙا ناء ڏيندي جيڪو ڪنهن قلمڪار لاء وڏو هاڃيڪار هوندو توتي ڪفر جا فتوا لڳن پيا هي درد هڪ قلمڪار ئي ڄاڻيندو آهي ليکڪ ننڍو هجي يا وڏو پر سفر ساڳيو هوندو آهي ۽ مان به هن سفر جو ساٿي آهيان هي ڳالھ منهنجي لاء به ڏکوئيندڙ آهي پر ڇا ڪجي هي رستو به اوهان چونڊيو آهي دنيا جو دستور آهي جڏهن ڪو ڪرندو آهي هن کي سهارو ڪوبه نه ڏيندو آهي ۽ اوهان سنڌين جي دلين تي راڄ ڪندا هئائو پر هاڻي اهي سنڌي توتي ڏمريل آهن ڇو ته تو هنن جي خدا کي جيڪو سچو آهي هن کي ڳالهايو آهي حديث شريف جو مفهوم آهي ڪنهن جي ڪوڙي خدا کي ڪجھ نه چئو متان ڪو تنهنجي سچي خدا کي غلط چئي وجهي اوهان الاء ڪهڙي مذھب سان تعلق رکندڙ آهيو ماڻهو اوهان کي امر نالي هئڻ تي هندو تصور ڪندا آهن ۽ ڪجھ عرصو هن فڪرن ۾ مان به هيس پر آخر ڪار مونکي هڪ دوست اوهان جي هسٽري ٻڌائي پوء مان سمجهس اوهان مسلم آهيو پر جڏهن هي فڪرا ٻڌا منهنجو ذهن به هٿرادو خدائن ڏانهن ويو 


احسن چڍڙ 

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *