قائد جو خواب

قائد جو خواب

Size
Price:

Read more

kalam ali hassan ahsan chadhar

قائد جو خواب 

علي حسن `احسن´ چڍڙ 


چوڏهن آگسٽ جو ڏينهن اسان وڏي جوش جزبي سان ملهائيندا آهيون ۽ اسان جا حڪمران ڪامورا ته هن ڏينهن کي جشن وانگر ملهائيندا آهن هي ڏينهن ملهائڻ اسان جو فرض به آهي ڇو ته رب پاڪ اسان کي آزادي جهڙي نعمت ڏني آهي اها الڳ ڳالھ آهي ته اسان جا حڪمران ۽ ڪامورا آزادي لفظ ۽ قائد جي خواب کي سمجهي نه سگهيا آهن۔

  قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي قلم جي طاقت سان انگريز سامراج کي هن ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ ملسمانن لاء الڳ رياست جوڙڻ جو خواب ڏٺو ۽ ان رياست اندر امن شانتي اسلامي طرز طور زندگي  گذارڻ ڇو ته اسلام سلامتي مان نڪتل لفظ آهي جيڪو پنهنجي اردگرد سلامتي چاهي ٿو ڀلين هو ڪهڙي مذهب سان تعلق رکي ٿو پر ان سلامتي واري رياست ۾ سلامتي سان رهي سگهي ٿو، قائد جو خواب هيو ته پاڪستان رياست اهڙي رياست ٿي اڀري جو دنيا دنگ رهجي وڃي جتي ماڻهن کي روزگار صحت پنهنجا گهر تعليم ۽ ترقي هجي هر ماڻهو کي انصاف ملي ڪو ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ڪري خودڪشي نه ڪري صوبن جا هڪ جيترا حق هجن هر شيء جي ورڇ هڪ جيتري هجي ۽ ملڪ جي ترقي جا سوين خواب ڏٺا هن پر افسوس هڪ به خواب ساڀيان ٿي نه سگهيو اوهان پنهنجي اردگرد نظر ڦيرايو ته پنجاه پرسنٽ کان مٿي ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن بک ۽ بدحالي نا انصافين جي ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن جتي صوبن اندر پاڻي يا ٻين شين جي ورڇ جي ڳالھ ڪجي ته اتي خاص ڪري سنڌ سان ته ماٽيلي ماء وارو سلوڪ آهي هي اها ڌرتي آهي جنهن جي سيني ۾ قائد ستل آهي جنهن اسان کي آزادي جي شفاف فزا ڏني هن ڌرتي سان اهڙو رويو جگائي نه ٿو هر ادارن تي مقصوص ماڻهو قابض آھن جيڪي اسيمبلي جي فلور تي ويهي اسان جي تقدير جا فيصلا ڪن پيا سهولتن جو وڏو فقدان آهي اڄ جهڙي طرح پاڪستان جي عوام ڀوڳي پئي ته اهو قائد جو خواب ڪونه هيو اسان هن جي ڏسيل رستي تان ٿڙي ويا آهيون آزداي جي معنيٰ کي وساري ويٺا آهيون تڏهن ته اسان اڃا تائين ترقي نه ڪري سگهيا آهيون 



 

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *