ڪالم

ڪالم

Size
Price:

Read more

معصوم جي دانهن 


پهرين محرم تي نئون ڪوٺ واسي هڪ خاندان سان ڏهرڪي ويجهو  حادثو پيش آيو جن کي ڏهرڪي اسپتال آندو ويو انهن ۾ هڪ معصوم ٻار معصب لاڙڪ هيون پر اتان جي عملي سهولتن ۽ ڊاڪٽر جي کوٽ جي ڪري ريفر ڪري ڇڏيو ۽ اهو معصوم ٻار فوت ٿي ويو هن کان پهريان به ٻن ڀائرن جو روڊ ايڪسيڊنٽ ٿيو اهي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا ۽ ضلعي اندر اهڙا واقعا معمول بڻيل آهن ضلعو گهوٽڪي ڪراچي کانپوء ٻيون نمبر روينيو ڏيندڙ ضلعو آهي ۽ ڪمپنين مان ملندڙ  ڪروڙين روپيا ڪٿي خرچ ٿين پيا اها ڪابه خبر ناهي ضلعي اندر اهڙي ڪابه اسپتال ناهي جنهن ۾ اهڙي سهولت هجي جو انهن جو علاج ڪري سگهجي افسوس جهڙي ڳالھ اها آهي ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ چند ڊاڪٽر آهن جيڪي به پنهنجي من ماني ڪن ٿا تعلقي جون ٻيون اسپتال صرف ڪوس گهر بڻيل آهن اتي سوشل ايڪٽوسٽ فورم جي ٽيم پاران احتجاج ڪندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي جي عوام سان ايڏو نا حق ڇو ڏهرڪي جيڪو وڏو ڪاروباري مرڪز پڻ آهي اتي قائم اينگرو فرٽيلائزر اتان جي عوام لاء ڪا سٺي اسپتال قائم ڪري نه سگهي آهي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي سامهون ايف ايف سي فرٽيلائزر ڪمپني آهي انهن هن اسپتال کي ڇو نظر انداز ڪيو آهي ۽ انهن سونا اسپتال قائم ڪري صرف ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙن لاء صحت جي سهولت ڏني آهي ۽ آس پاس جي عوام ساڳيو آزار ۾ 

سوال اهو آهي ته هتان جا ڊاڪٽر ڪٿي آهن انگ اکرن مطابق انهن جي وڏي تعداد ٻڌائي وڃي ٿي پوري ضلعي اندر نه آرٿو جو ڊاڪٽر آهي ۽ نه وري آئي اسپيشليسٽ آهي ڪير ڪندو هتي ڊاڪٽر مقرر ڪڏهن هتان جون اسپتالون ڪوس گهر مان بدلجنديون ۽ عوام کي ھنن مان سهولتون ملنديون آخر اسان جا چونڊيل نمائده ڪٿي آهن ڇو اهي ڪن لٽار ڪري مسڪينن کان صحت جي سهولت ڇنن پيا اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته انهن اسپتال ۾ سهولتون ڏنيون وڃن جيئن مسڪينن کي لاڀ حاصل ٿي 


ضمير حسين مهر ميرپور ماٿيلو  


0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *