صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ اي سي ميرپورماٿيلو خلاف احتجاج

صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ اي سي ميرپورماٿيلو خلاف احتجاج

Size
Price:

Read more

ميرپورماٿيلو رپورٽ علي حسن چڍڙ صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ اي سي ميرپورماٿيلو خلاف احتجاج صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي تعدا ۾ شرڪت ڪئي اسين جھڪڻ وارا ناھيون اڪثر سنڌ ۾ صحافين کي حراسان ڪيو ٿو وڃي خبر موجب صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ اي سي ميرپورماٿيلو احمر خلاف سندس آفيس اڳيان صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي پي ايف يوجي مرڪزي اڳواڻ اشرف بخاري، گھوٽڪي يونين آف جنرلسٽ جي صدر لالا قادر ڀٽو، لطيف لغاري، عظيم سيال، برڪت ميراڻي، احسان ڪلوڙ، مشتاق شاھي لغاري، نور کنڀڙو، شڪيل رضا ۽ ٻين چيو تہ اي سي ميرپورماٿيلو ڪوريج ڪرڻ تي صحافين مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ھنن چيو تہ صحافين کي حيسائڻ لاء اھڙي قسم جا ھربا استعمال ڪياٿا وڃن اسين جھڪڻ وارا ناھيون اڪثر سنڌ ۾ صحافين کي حراسان ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪيترن ئي صحافين کي ڪوريج دوران شھيد ڪيو ويو آھي، ھنن چيو تہ ڪامورا وڏيرن جا ونگاروبڻجي صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيا آھن جيڪا ڳالھ برداشت کان ٻاھر آھي، جڏھن تہ صحافين پاران سومر واري ڏينھن تي ڊي سي آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو، ھنن ڊي سي گھوٽڪي کي چتا ڏنو جيڪڏھن بدمست اي سي نہ ھٽايو ويو ۽ ڪيس واپس نہ ورتو ويو تہ احتجاج کي جاري رکيوويندو

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *