انصاف وارن جي در نا انصافي                 Injustice among the righeous

انصاف وارن جي در نا انصافي Injustice among the righeous

Size
Price:

Read more

Kalam_Ali_Hassan_Ahsan_Chadhar

 Injustice among the righeous



               انصاف وارن جي در نا انصافي              

                                        علي حسن `احسن´ چڍڙ 


ڪجھ ڏينهن پهريان منهنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو ۽ اڳين جي غلطي هئي پر هو تسليم ڪرڻ بجاء مونکي قصور وار قرار ڏئي  مونکي اتي ڇڏي هليو ويو ۽ مون به پاڻ وڙھڻ بجاء قانون جو سهارو وٺڻ جو سوچيو سو مان ميرپور ماٿيلو ڪلر (ٻيلو) ٿاڻو تي اين سي ڪرائڻ ويس پهريان ته ٺال مٽول ڪندا رهيا ان کانپوء انهن اين سي پنهنجي مرضي مطابق رکي جيئن اڳين کي پيسه وٺي ان کي رليف ڏنو وڃي اتي مونکي ايئن لڳو ته ڄڻ قصور وار به مان هجان نيٺ منهنجي ۽ مونسان گڏ ننڍو ڀاء به هيو ان جي چوڻ مطابق به هنن کي جيڪو لکڻو هيو هنن لکيو ۽ مون چيو ته مونکي ليٽر ڏيو ته مان پنهنجي زخمن جي پٽي ڪرايان پر هنن چيو اوهان ايئن هليا وڃو پٽي ڪرايو پر پوء وڏي منشي تي جڏهن اسان زور رکيو ته پوء هن اهو ليٽر ڏنو جڏهن مونکي ليٽر ڏنائون ته هنن چيو هاڻي اهو ليٽر ڪنهن ناهيون ڏيندا  اوهان چيو آ ڏيون پيا هاڻي اوهان خرچي به ڪرايو جي اگر مجرم گرفتار ڪرائڻو آهي ته هن لاء پوليس موبائل لاء اوهان کي تيل ڏيئڻو پوندو نه ته گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهندي مان اتي حيران ٿي ويس ته هي وڏو منشي چوي ڇا ٿو مونکي ايڏا ڌڪ لڳل آهن مان بيهي به نه ٿو سگهان ۽ هنن کي پيسا ڪٿان ڏيان مونکي ايئن لڳي پيو انهن جي رويي سان ته مجرم به مان آهيان جي پيسا نه ڏيندس ته مونکي گرفتار ڪندا نيٺ منهنجي ننڍي ڀاء هنن کي پيسا ڏنا تڏهن پوليس اسان جي جان ڇڏي افسوس اهو آهي جڏهن اسان سوشل ورڪر قلمڪارن سان اهڙو حشر آهي ته عام ماڻهن سان ڪهڙو حشر هوندو مان ايس ايس پي گهوٽڪي کان هڪڙو سوال ڪندس ته اوهان مسڪينن جي مدد لاء مقرر ٿيل آهيو يا اسان جي تزليل ۽ اسان مان رشوت اوڳاڙي لاء مقرر آهيو اوهان جا رکيل منشي گهوٽڪي واسين سان اهڙو برتاء ڪن ٿا ڇا اوهان کي ڪابه ڄاڻ ناهي هي اڄ مونسان اهڙو حشر ٿيو سڀاڻي ڪنهن ٻئي سان ٿيندو مهرباني ڪري اهڙن پوليس جي عملدارن کي قانون جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي 



1 Reviews

sojhro news breaking news news alart awami khabron ali hassan ahsan chadhar

Contact Form

Name

Email *

Message *