اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي مڇرمار ڦوهارو ڪرائڻ جو حڪم

اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي مڇرمار ڦوهارو ڪرائڻ جو حڪم

Size
Price:

Read more

 گھوٽڪي سوجهرو نيوز رپورٽر (اسماعيل ڪلهورو)  ڊپٽي ڪمشنر/ايڊمنسٽريٽر ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي عوامي شڪايتن جو نوٽيس ورتو، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي مڇرمار ڦوهارو ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر/ايڊمنسٽريٽر ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ مڇرمار ڦوهارو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر جي اهڙي حڪم بعد مڇرمار ڦوهارو ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي شروعاتي طور تي ڳوٺ باگو ڊهو، ڳوٺ ڊرنگ چاچڙ، ڳوٺ محمد اسماعيل ڀٽو ۽ ڳوٺ غوث بخش شر سميت مختلف ڳوٺن ۾ ڦوهارو ڪيو ويو آهي.

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *