آزادي ڇا آهي                    What is freedom?

آزادي ڇا آهي What is freedom?

Size
Price:

Read more

Kalam_Ali_Hassan_Ahsan_Chadhar

  What is freedom?


آزادي ڇا آهي


علي حسن `احسن´ چڍڙ



پاڪستان جي وجود لاء مسلمانن وڏي ڪوشش ڪئي جنهن جي تاريخ گواه آهي ۽ جناح صاحب پنهنجي قلم جي زور تي انگريز سامراج کي جهڪايو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو۔ هاڻي چوڏهن آگسٽ کان پاڪستان ته وجود ۾ اچي ويو انگريز سامراج کي به تڙيو ويو هنن بريصغير پاڪ و هند مان پنهنجا مفاد پورا ڪري ورتا ها ۽ اسان جي وڏڙن جون ڪاوشون به هيون هندستان رياست کان اسان ٿورو ٽڪڙو ونڊي ورتو جنهن جو نالو پاڪستان ڏنو ويو ۽ هن رياست جي ٽٽڻ جو درد اڃان به هندستان جي سيني ۾ سئي وانگر چڀي پيو ڇوته هو مسلمانن کي آزاد ڏسڻ نه ٿا چاهن خير اسان جي يڪجهتي سان هنن کان پاسيرا ٿيا سين هاڻي ماڻهن جو اهو خيال هيو ته اسان پنهجي من مرضي سان جو ڪجھ ڪيون ڪري ٿا سگهون پر جڏهن پاڪستان جي وجود لاء ڪوششون ڪيون پئي ويون ته هن وقت منشور به جوڙيو ويو جنهن ۾ اسلامي جهموريه پاڪستان ۽ عوام جي ڀلائي لاء گهڻا ئي منصوبا هيا هاڻي ته هڪ نئون گاڏو تيار ٿيو هو ۽ هن گاڏي کي گيڙڻ لاء حڪومت سان عوامي سهڪار به لازمي هيو پر جيڪا ڪابينا پاڪستان جي ڦيٿي کي تيز ڦيرڻ لاء  هئي هن ڪابينا جي ڪري هي ڦيٿو جام ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ ڪيئي مسلم ليگ جا ميمبر جن ڏينهن رات هڪ ڪري جدو جهد ڪئي هاڻي پري ٿيڻ لڳا ۽ هي سڄو چرخو ڪجھ مفاد پرستن پنهنجي هٿ ۾ ڪري ورتو ان کان پوء جي ايم سيد به پنهنجا رستا الڳ ڪري ورتا ڇو جو هن کي خبر هئي ته هي مفاد پرست آهن ۽ هنن بلوچن ۽ سنڌين کي قبول ئي ناهي ڪيو آخر ڪار قائداعظم سان هنن جو برتاء هن کي هڪ اهڙي ايمبولينس ڏني وئي هڪ ته هو هلڻ جوڳي نه هئي ٻيو ته رستي ۾ تيل ختم ٿي ويو نيٺ جناح صاحب جنهن پاڪستان لاء سک چين آرام وڃائي ڇڏيو جنهن ملڪ جي ترقي جا خواب ڏٺا هن هڪ ڪمزور بنا تيل واري ايمبولينس ۾ دم ڏنو ۽ هن کي هنن جي دردن سوڌو ڪراچي ۾ سنڌ امڙ جي جهولي ۾ سمهاريو ويو انا لله وانا اليه راجعون
هاڻي جي ايم سيد جنهن پاڪستان ٺهڻ لاء جدوجهد ڪئي هن پاڻ ۽ سنڌين سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڏسي سنڌين کي سک جو ساه کڻائڻ لاء هن ظالم سامراج سان مهاڏو اٽڪايو جنهن جي ڪري جي ايم سيد کي سختيون به سهڻيون پيون ۽ رياست به سنڌين سان غلام قوم وارو برتاء رکيو جنهن ۾ صرف وڏيرن سياستدان کي نوازي مظلوم قوم کي قيدي ڪيو ويو هي وڏيرا شاهي جو بنياد انگريزن ان ڪري وڌو هو جو جنهن به قبيلي جو اثر اثوخ رکندڙ ماڻهو ڏٺو ويو ته انگريزن هن کي نوازي پنهنجي قبيلي جون واڳون هن جي هٿ ۾ ڏنيون هاڻي وڏيرو انگريزن لاء رموٽ ڪنٽرول هيو جنهن به ڪنهن قبيلي مان انگريز سامراج خلاف ڳالهايو هنن وڏيري جا ڪن پڪڙيا ۽ وڏيرو جنهن جا قبيلا غلام ٿيل ها انهن کي پنهنجي واٺن جي زور تي چپ ڪرائيندا ها ۽ هي وڏيرا صرف پنهنجي قبيلي لاء تيس مار خان ها پر انگريزن جون جتيون پالش ڪرڻ بگيون ڇڪڻ ۽ هو ڪجھ عورتن تي سواري ڪندا ها ۽ پوء وري انهن مان خوش ٿي انهن جي اولاد کي ڪنهن قبيلي جو سربراه ڪري ڇڏيندا ها۔ پاڪستان ٺهڻ کان پوء اها چودري گيري ۽ وڏيرا شاهي جو انت اچڻو هيو پر هاڻي رياست ۾ انهن جي دخل اندازي به وڌي وئي هنن پنهنجو داٻو قائم رکڻ لاء هاڻي پاڪستاني حڪومت جو سهارو وٺڻ شروع ڪيو ويو ۽ اسان کي سياستدان به اهي مڙهيا ويا جيڪي ڪورا ڄٽ هيا جن ڪڏهن به اسڪول جو منهن ڪونه ڏٺو هو هنن جي ڪري پاڪستان جو ڦيٿو ويتر جام ٿيندو ويو ان ڪري ئي اسان جي ملڪ مان تعليم جو نظام ڌرم ڀرم ٿي ويو هو ڇو ته جڏهن سياستدان وڏيرا اڻ پڙهيل هيا جن کي تعليم جي اهميت جي خبر به ڪانه هئي اهي ڇا تعليم لاء آواز اٿارن ها جڏهن سياستدانن لاء تعليم هجڻ لازمي قرار ڏني وئي انهن ساڳين وڏيرن مدرسن مان ڪوڙيون ڊگريون وٺي جن کي سورت اخلاص جي به خبر ناهي ۽ اسان مٿان وري اهي هاوي ٿي اسان کي غلامي ڏانهن ڌڪيو ويو جيڪي اڄ به انهن ڪوڙين ڊگرين تي ويٺل آهن۔ اسان مٿان ورهاڳي جي وقت کان جڏهن مسلمانن انڊيا مان لڏ پلاڻ ڪئي هو ٽرين ذريعي لاهور ۾ داخل ٿيا ته انهن کي چيو ويو پاڪستان آگي هي ۽ هنن پاڻ کي انڊين تسليم ڪيو ۽ سنڌ جي سرحد تي ڇڏي هنن کي چيو ويو ادهر سي پاڪستان کي سرحد شروع هوتي هي جڏهن اهي مهاجر سنڌ ۾ پهتا ته اٻوجھ سنڌين انهن کي جيء ۾ جايون ڏنيو انهن کي هندن جا ڇڏيل عاليشان محل ماڙيون ڏنيون ويو ايئن به ٿي سگهي پيو ته سنڌي پاڻ قبضو ڪري ويهن ها پر نه سنڌين انهن مهاجرن جي حوالي ڪيون جيڪا انهن تاريخي غلطي ڪئي ۽ ڪن پيا جنهن جو درد الائي ڪيتريون نسلون برداشت ڪنديون ۽ انهن نانگن کي پالي وڏو ڪيو سين ته اسان جا ٻوري ۾ بند لاش مليا گانڌي جي چوڻ موجب سنڌ جا هندو جيڪي ڪاروباري آهن اهي هندستان اچن پيا ۽ هندستان مان صرف فسادي جهڳڙيلو نڪرن پيا باقي هتي رهندا ۽ اڄ مونکي گانڌي واري ڳالھ سچ ثابت ٿيندي نظر اچي پئي۔
  سنڌين سان ٿيندڙ زيادتون اڃان تائين برقرار آهن سنڌ کي نقصان سنڌي آفيسر ۽ وڏيري ئي پهچايو آهي اوهان پورو پاڪستان گهمي اچو پنجاب جا اڪثر گهر حدخيلين اندر اچن ٿا اتي اڄ تائين هڪ گهر نه ڊراهيو ويو آهي جيڪي سنڌي مالڪ آهن سنڌ جا هر روز انهن جا گهر ڊراهي هنن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي هي دور سنڌين مٿان وڏو شامت وارو دور آهي جيئن ڪنهن ملڪ تي ڪاھ ڪري هنن جا گهر ڊراهيا ويندا ها اڄ سنڌين سان اهو حشر آهي حدخيليون ڄاڻائي پنجاه سالن کان ويٺل صرف مسڪينن جا گهر ڊراهيا پيا وڃن باقي وڏيرن ۽ آفيسرن جا گهر بيٺل آهن اڪٽر سياسي مخالفن کي سزا پئي ملي هي دور سوشل ميڊيا جو آهي ۽ اوهان کي سوشل ميڊيا تي اهڙيو ڪئي وڊيوز ملنديون جتي ڌرتي ڌڻين جو نياڻيون رڙنديون ۽ قرآن کنيل نظر اينديون مگر بي رحم پوليس ۽ ڪامورا انهن مٿان تشدد ڪري انهن جا گهر ڊراهيندي نظر ايندا جتي اوهانکي غلام قوم ئي نظر ايندي جن ويچارن کي آزادي جي خبر ئي ناهي ته آزادي ڇاهي يا هو وڏيرن جا غلام آهن ۽ جي غلامي قبول نه ٿا ڪن ته انهن جا گهر ڊراهيا ٿا وڃن تڌهن ته مون وٽ آزادي جو سورج ناهي نڪتو 

 



 

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *