عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر مهاگائي جو بم ڪيرائڻ جي تجويز

عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر مهاگائي جو بم ڪيرائڻ جي تجويز

Size
Price:

Read more

Sojhro_News

 اسلام آباد (رپورٽ: سوجھرو نیوز) سئي سدرن ۽ سئي نادرن گيس ڪمپني  ايندڙ مالي سال 2021-22 جي پهرين مهيني پهرين جولاءِ کان سڄي سال لاءِ ملڪ اندر گيس قيمتن ۾ غير معمولي واڌ ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي، سنڌ ۽ بلوچستان صوبن کي گيس سپلاءِ ڪندڙ سئي سدرن گيس ڪمپني پهرين جولاءِ کان سڄي سال دوران گيس قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ لاءِ اوگرا ۾ درخواست جمع ڪرائي آھي سئي سدرن گيس ڪمپني پاڻ کي  34 ارب، 99 ڪروڙ، 40 لک روپين جو خسارو  ظاهر ڪيو آھي سئي سدرن ڪمپني سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي گيس صارفين لاءِ گيس جي في ايم ايم بي ٽي يو قيمتن ۾ 109 رپيا 78 پيسن جي واڌ جي منظوري ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ ٻنهي صوبن جي عوام کان آر ايل اين جي فراهم ڪرڻ جي خدمتن جي مد ۾ في ايم ايم بي ٽي يو آر ايل اين تي 43 رپيا 38 پيسا وصول ڪري مجموعي طور تي صارفين کان آر ايل اين جي خدمتن جي مد ۾ 16 ارب، 71 ڪروڙ، 50 لک رپيا وصول ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جي به درخواست ڪري ڇڏي آھي اهڙي ريت پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ اسلام آباد کي گيس سپلاءِ ڪندڙ سئي نادرن ڪمپني پاڻ کي 32 ارب، 53 ڪروڙ، 7 لک رپيا خساري ۾ هلندڙ ڪمپني قرار ڏيندي في ايم ايم بي ٽي يو قيمتن ۾ 857 رپيا 40 پيسا واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جي درخواست اوگرا کي ڏني آھي، سئي نادرن گهريلو صارفين کان ايل اين جي فراهمي جي مد ۾ 27 ارب، 94 ڪروڙ وصول ڪرڻ جي درخواست ڏني آھي اوگرا اهڙين دخواستن سان متاثر ٿيندڙ صارفين کان 14 ڏينهن اندر اعتراض طلب ڪري ورتا آھن. جڏهن ته ٻنهي گيس سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنيز مجموعي طور تي ايندڙ مالي سال دوران گيس قيمتن ۾ 97 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ ۽ عوام کان اضافي 105 ارب رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڏني آھي، سئي سدرن گيس جي في ايم ايم بي ٽي يو جي قيمت 778 رپيا 59 پيسن کان وڌائي 888 رپيا، 37 پيسا مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آھي اهڙي ريت سئي نادرن گيس جي في ايم ايم بي ٽي يو جي موجوده قيمت 881 رپيا 40 پيسا ۾ 857 رپيا 40 پيسن جي واڌ جو مطالبو ڪيو آھي جنهن بعد سئي نادرن ۾ في ايم ايم بي ٽي يو گيس جي قيمت 1738 روپيا 80 پيسا ٿي ويندي.

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *