ڪالم                                                      Know Yourself

ڪالم Know Yourself

Size
Price:

Read more

Kalam_Ali_Hassan_AHsan_Chadhar

پنهنجو پاڻ سڃاڻ 


علي حسن `احسن´ چڍڙ


هڪ دفعي هڪ همراه ڪنهن ڳوٺ ويجهو پنهنجي گاڏي روڪي ۽ هو هلندو هلندو هڪ جگه تي ڏٺائين ته هڪ پوڙهو ويٺو آهي ۽ هو مرغي جي ننڍڙن ٻچڙن کي داڻا وجهي رهيو آهي هن ۾ هڪ باز جو ٻچڙو هنن سان گڏ داڻا چڳي رهيو هو همراه پريشان ٿي ويو ته هنن سان گڏ باز جو ٻچو داڻا ڪيئن چڳي ٿو سگهي هن همراه پوڙهي کان اهو سڄو ماجرو پڇيو  هن پوڙهي چيو ته هي هڪ ڏينهن جو هيو مونکي پهاڙي مان زخمي حالت ۾ مليو هو ۽ مون هن کي کڻي مرغي جي ٻچن سان گڏ رهيو تڏهن هن سمجهيو ته مان مرغي جو ئي ٻچو آهيان ۽ اهو هن ڏينهن کان هنن سان گڏ رلي ملي ويو هن ماڻهو هن پوڙهي کي چيو هي باز جو ٻچو مونکي ڏيو ڀلين موکان پيسا وٺو ۽ هو پوڙهي کان اهو باز جو ٻچو وٺي گهر هليو ويو اتي هن باز جي ٻچي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته تون پنهنجي پاڻ ک سڃاڻ تون باز آهين مرغي نه ٿو ٿي سگهين هن هر ٻولي ۾ باز جي ٻچي کي سمجهايو ۽ ڪئي دفعا هو ڪمري تي ڇڙهي هن کي هيٺ اڇلايو پر هن پنهنجا پر کولڻ بجاء مرغي وانگر گڏ ڪري ڇڏيا ۽ هن همراه باز جي ٻچي کي چيو مان توکي تنهنجي سڃاڻ ضرور ڏيندس ته تون باز جو ٻچو آهي نه ڪي مرغي جو نيٺ هن همراه باز جي ٻچي کي ڪنهن وڏي پهاڙ تي کڻي وڃي ۽ اتان هن کي هيٺ ڪيرايو باز جو ٻچو پهرين ته  پنهنجا پر  گڏ ڪري ڇڏيا جڏهن بلندي کان زمين جو فاصلو گهڻو ڏٺائين ۽ هن پنهنجا پر کوليا ۽ اڏرڻ سروع ڪيو ۽ هن پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي ورتو ۽ هو ان کان پوء اڏرندو ويو۔ انسان جي اندر ۽ خيالن ۾ به اها اڏام ڀريل آهي هرڪو پنهنجي پاڻ کي نه ٿو سڃاڻي هن ترقي آفته دور جو ڪارڻ انسان ئي آهي جن وڏا ڪارنامه سر انجام ڏنا آهن اتي سنڌي ماڻهن جي اندر ۾ ڪجھ ڪرڻ جي وڏي اڏام  آهي اگر سنڌي ماڻهن کي اها اڏام ملي وڃي ته هي دنيا جو وڏو خطو ثابت ٿيندو جتي هر پاسي ترقي هوندي دنيا ۾ اهو واحد سنڌي هيو جنهن تجربو ڪري پاڻي تي گاڏي هلائي هئي پر حڪومتي پاليسين ان کي دٻائي ڇڏيو پاڪستان سمورو اهڙن قردارن سان ڀريو پيو آهي ڇو ته اگر اسان تاريخ جي پراڻن پنن کي اڇلايون ٿا ته پاڪستان سڄو سنڌ آهي ۽ ڊاڪٽر قدير جنهن سائنسي ٽڪنالوجي ۾ ايڏي ترقي آندي ۽ اسان ايٽمي طاقتن مان آهيون اگر اسان وٽ ايٽمي طاقت نه هجي ها ته اسان سان ڪشميرين جهڙو حشر هجي ها۔ اسان جي اندر ۾ اڏام ته وڏي آهي پر هن همراه وانگر ڪوئي ناهي جو اسان کي سڃاڻ ڏي ۽ اسان ۾ هر شعبي ۾ حسد ڪينو آهي اسان ڪنهن کي اڳتي وڌڻ نه ٿا ڏيون جنهن وٽ اڇو ڪپڙو ڏسون ٿا ان تي ڪمپلين اهو نه ٿا ڏسون ته هن ڏينهن رات محنت ڪئي آهي اگر مون ۾ ڪي گڻ آهن ته مونکي هن سان ئي سلهاڙيو وڃي نه ڪي ڪنهن ٻي شعبي سان مون ۾ جيڪا قابليت هوندي اهو مقام اها جگه نه ٿي ملي سگهي ته مان اهو ارمان اندر ۾ رکي اڳتي هلندو رهان رهندس مثال مون ۾ گڻ سائنس جو آهي ۽ مونکي انجنيئر ڪيو وڃي مان قطئي هن سان انصاف نه ڪري سگهندس ڇو ته مون ۾ صلاحيت جيڪا آهي اها سائنس جي آهي ۽ اسان وٽ ته قلم ڌڻي جو قدر ئي ناهي شاعر اديب قلمڪار جو ڪومقام هجڻ گهرجي اهي به هن اڏام جا حصا آهن هن کي تراشو وڃي انهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ڪي چند جيڪي عهدن تي فائز آهن انهن کي ئي نوازيو وڃي ٿو ثقافت کاتو موجود آهي پر هو پاڻ تائين محدود آهن ادبي بورڊ يا لينگوئيج اٿارٽي به صرف پنهنجا نوازي ۾ پورا آهن جيڪي نوان لکندڙ آهن يا ڪئي پراڻا به انهن کي ڪير اڳتي آڻيندو انهن ۾ ڪير اڏام ڀريندو ٿيئڻ ايئن گهرجي جنهن جو به تعلق جنهن شعبي سان آهي انهن کي هن شعبي ۾ رکيو وڃي نون ٽائلنٽن جي کوج ڪئي وڃي ۽  هن کان پوء اوهان يقين نه ٿا ڪري سگهو ٿا ته اسان ڪيتري ترقي ڪري سگهون ٿا دنيا حيران رهجي ويندي ۽حڪومت کي گهرجي ته هر شعبي ۾ انصاف ڪري ۽ اهڙن ماڻهن کي ڳولي لهي جنهن ۾ جيڪا اڏام هجي 



 

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *