ميرپورماٿيلو ويجهو برف ڪارخاني ۾ گيس پائيپ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ماڻهون زخمي ٿي پيا

ميرپورماٿيلو ويجهو برف ڪارخاني ۾ گيس پائيپ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ماڻهون زخمي ٿي پيا

Size
Price:

Read more

Sojhro_News

 ميرپورماٿيلو (رپورٽ) ميرپورماٿيلو ويجهو برف ڪارخاني ۾ گيس پائيپ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ماڻهون زخمي ٿي پيازخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو ويوڌماڪو گيس پائيپ جو وال کولڻ سبب برف ڪارخاني ۾ ڪم دوران ٿيو آهي جنهن ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهون زخمي ٿيا آهن،پوليس

رپورٽ موجب؛ميرپورماٿيلو ويجهو برف ڪارخاني ۾ گيس پائيپ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ شفيع محمد ڪلهوڙو،زين العابدين ڪلهوڙو،زوهيب سولنگي،خالد حسين ڪورائي،سخاوت بوزدار،منور شيخ ۽ عورتن ۾ 27 ورهين جي مائي خانزادي 20 ورهين جي سويرا 12 ورهين جي سدرا ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا ان موقعي تي پوليس جو  چوڻ هو ته ڌماڪو گيس پائيپ جو وال کولڻ سبب ۽ برف ڪارخاني ۾ ڪم دوران ٿيو آهي جنهن ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهون زخمي ٿيا آهن،ان موقعي تي شديد زخمي ٿيڻ سبب منور شيخ کي رحيميار خان ريفر ڪيو ويو ۽ شفيع محمد ڪلهوڙو،زين العابدين ڪلهوڙو کي سکر ريفر ڪيو ويو جڏهن ته عورتن کي پڻ ريفر ڪيو ويو هو.هوڏانهن وري زخمين کي اسپتال آڻڻ لاء ايمبولينس نه هئڻ سبب رڪشي تي زخمين کي نيو ويو ۽ اسپتال ۾ عملو گهٽ هجڻ سبب زخمي تڙپي رهيا هئا.ان موقعي قومي امن ڪاميٽي جي صوبائي صدر سعدالله ڪورائي ضلعي گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري جاويد لاشاري،نثار شيخ اسپتال پهتا جنهن ٿيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وارثن سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو.

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *