مائٽن طرفان ملندڙ مبينا ڌمڪيون  تحفظ ڏيو

مائٽن طرفان ملندڙ مبينا ڌمڪيون تحفظ ڏيو

Size
Price:

Read more

سجاول سوجهرو نيوز رپور ٽر سجاول ضلعي جي ٻيلي شھر ڀرسان ڳوٺ وڏيري رحيم چارڻ مان گھران نڪتل پريمي جوڙي سانگھڙ جي عدالت ۾ پيار پرڻو ڪري ڇڏيو,مائٽن طرفان ملندڙ مبينا ڌمڪين بعد تحفظ ۽ انصاف لاء جھول ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي پريمي جوڙي 22 ورھين جي ميجر ولد قادر بخش خاصخيلي ۽ 20 ھن ورھين جي ناري روزينا ولد گلي خاصخيلي چارڻ چيو ته اسين سجاول ضلعي جي ٻيلي شھر ڀرسان ڳوٺ وڏيري رحيم چارڻ جا رھواسي آھيون اسان پاڻ ۾ سڳا ماروٽ آھيون اسان جي مڱڻي ٿيل ھئي بعد ۾ ڇوڪري جي مائٽن رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اسان ٻئي ھڪ ٻي سان محبت ڪيون ٿا جنهن بعد اسان پيار پرڻي لاء گھران نڪري سانگھڙ جي عدالت سڳوري ۾ ھفتو اڳ 22 مارچ 2021 تي پيار جو پرڻو ڪيو جنهن تي اسان جا مائٽ جان جا ويري بڻجي اسان کي قتل, ڪوڙن ڪيسن ۽ ٻيو جاني مالي نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن,پريمي جوڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن, اعلي اختيارين ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي زندگين کي خطرو آھي اسان کي اتي رھڻ نه ٿا ڏين اسان دربدر رلون پيا اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *