ميرپور ماٿيلو ويجهو درگاه جان محمد شاه ۾ ملھ پھلوانن جو احتجاج

ميرپور ماٿيلو ويجهو درگاه جان محمد شاه ۾ ملھ پھلوانن جو احتجاج

Size
Price:

Read more

Sojhro_news

sojhro news


ميرپور ماٿيلو ويجهو درگاه جان محمد شاه ۾ ملھ پھلوانن جو احتجاج 
هاشم پٺاڻ ۽ راحيل پٺاڻ ماهي چوڪ مان اغوا ٿي ويا ها 

سنڌ حڪومت ۽ پنجاب حڪومت کي پهلوانن جي بازيابي جو مطالبو 



Sojhro News


سوجهرو نيوز رپورٽر قاضي اياز ڪلوڙ

خبر موجب  ھفتو اڳ پنجاب جي ماھي چوڪ وٽان ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل ملھ پھلوان پھرين جوڙ جو ھاشم پٺاڻ ۽ سندس سوٽ راھيل پٺاڻ بازياب نہ ٿيا 
ڳوٺ ولو مھر جان محمد شاہ جي ميلي ۾ ملاکڙي کان اڳ سنڌ جي پھلوانن شريف اعواڻ، مرتضي مھر، سلطان اعواڻ، حسنين مھر، خان اعواڻ طرفان پٺا اگھاڙا ڪري سنڌرا ٻڌي احتجاج ڪيو ۽ سندس بازيابي جو مطالبو هنن چيو ته ھفتو اڳ ملھ ڪري واپس ايندڙ ٻنھي پھلوانن کي ڌاڙيلن اغوا ڪري ويا آهن پر پوليس هن مهل تائين  بازياب ناھي ڪرائي سگھي هنن وڌيڪ چيو ته ٻئي اغوا ٿيل ملھ پھلوان غريب ۽ مسڪين آهن جن جو گذارو ملھ راند ڪري هن مان  آھي هنن  سنڌ ۽ پنجاب حڪومت کي اپيل ڪئي ته بازيابي لاء قدم کڻي جيئن هو بازياب ٿي اچن هن وڌيڪ چيو ته اگر ملھ پهلوان بازياب نه ٿيا ته سنڌ پنجاب بارڊر تي وڏي تعداد ۾ پٺاڻ گڏ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو تنهن ڪري ملھ پهلوانن کي بازياب ڪرائي اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي 



0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *