The end of Black time         هڪ ڪاري دور جي پڃاڻي

The end of Black time هڪ ڪاري دور جي پڃاڻي

Size
Price:

Read more

Kalam_Ali_Hassan_Ahsan_Chadhar

sojhro news



هڪ ڪاري دور جي پڃاڻي


The end of Black time   

 
علي حسن احشن چڍڙ 

هن دنيا ۾ انسان جيڪو پوکي ٿو اهو ئي اڳتي لڻي ٿو ادارا به اهڙي طرح هوندا آهن اوهان جڏهن رٽائر ٿيو ٿا ته اوهان جي ڪردار موجب اوهان کي عزت ملي ٿي جڏهن اوهان هن اداري مان رٽائر ٿيو ٿا ته هن وقت ماڻهن جا جيڪي تاثرات هوندا آهن اهي اوهان جي شخصيت کي سنواريندا يا بگاڙيندا آهن آفسر شاهي چند ڏينهن لاء هوندي آهي ڪوشش ڪجي ته ڪنهن جي به دل نه رنجائجي اڄ نومبر جي اڻويه تاريخ تي اهڙي آفيسر جي رٽائرمينٽ آهي جنهن مان سمورو ضلعو گهوٽڪي تنگ هيو ڊاڪٽر عبدالرزاق مرڻاس جو ڪردار اهڙو هيو جنهن ضلعي گهوٽڪي جي هيلٿ کاتي جو سر شرم سان جهڪائي ڇڏيو سري عام رشوت وٺڻ ۽ عملي کي ٽارچر ڪرڻ سان هن کي دلي سڪون ملندو هيو هي اسمگلر به آهي سرڪاري گاڏيون استعمال ڪري ڊرگس گٽڪا سپلائي ڪندڙ آهي هي جڏهن ڊي ايڇ او ٿيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪرونا وبا منهن ڪڍيو ۽ هن ڊي ايڇ او جي ڪرسي ۽ ڪرونا وبا مان وڏو فائدو حاصل ڪيو هن جي روٽين هئي جڏهن به ڪا شيء اسمگلنگ ڪندو هو ته ٽرڪ پويان سرڪاري گاڏي تي چڙهي پوليس عملي کي چوندو هو هن گاڏي کي ڇڏيو هن ۾ ڪرونا جي بچاء جو سامان آهي هڪ دفعي گهجي اطلاع تي هن گاڏي جو پيڇو ڪيو ويو جنهن ۾ گٽڪو ڀريل هيون جنهن تي ڪراچي ۾ نارڪوٽيڪس ۾ ڪيس به داخل ٿيل آهي  پر هي قانون کان بالا آهي ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آهي هن جا ساٿي ڊان گولي جا ويجها ساٿي رهيا آهن جن ڪروڙين رپيا ٻهاريا ۽ انهن تي ڪيس داخل آهن ڊان گولو جيل ۾ آهي پر جنهن تي هن جو سايو آهي اهي اڃا تائين قانون جي گرفت ۾ نه آيا آهن ۽ جيڪو هنن کان پيسا گهري ٿو هن تي تشدد ڪن ٿا ڪجھ ڏينهن پهريان هنن گلاب چڍڙ کي پيسا گهرڻ تي ڪار جو ٽڪر هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي به هي گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، اهڙو ڪرمنل ماڻهو اداري ۾ سروس مڪمل ڪري ٿو پر هن تي ڪنهن به ايڪشن نه کنيو ڇو ته هن کان هر ڪو ڊڃي ٿو، هن جي اگر ڪنهن سان دشمني هوندي هئي ته هو ماڻهو هن اداري ۾ سڪون سان ڊيوٽيون نه ڪري سگهندو هيو ڪجھ ٽائم لاء هي ڊي ايڇ او ٿيو ته هن پنهنجي هٿن سان ڪئي ماڻهو ٽرمينيٽ ڪري ڇڏيا چوندا آهن ماڻهو ڪنهنکي روزي ڏي پر ڪنهن کان کسي نه هن پنهنجي پوري سروس ۾ ڪنهن جو ڀلو نه ڪيو حقيقت هي آهي ته هن جي پنهنجي برادري به هن مان تنگ آهي ايتري قدر جو ڪڏهن هن پنهنجي برادري جي ڀلائي لاء ڪم نه ڪيو ۽ پاڻ توڙي جو ڊي ايڇ او رهيو ۽ آفيسرن سان لاڳاپا هجڻ باوجود پنهنجي برادري جي هڪ ماڻهو کي به روزگار نه ڏئي سگهيو جنهن جي ڪري هن جي سموري برادري هن سان لاتعلق آهي، اداري ۾ هن جو اهڙو ڪردار رهيو جو ماڻهن کي رشوت نه ڏيڻ جي ڪري هر وقت ذهني ٽارچر ڪندو رهندو هو ڪڏهن ڪنهن کي اڪسپلينيشن ته ڪڏهن شوڪاز نوٽس ڏئي هن کي ٽرمينيٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو ۽ اگر ڊي ايڇ او هن جي ڳالھ نه مڃيندو هو ته  هن کي گار گند ڪري هن جي آفيس جا تالا ٽوڙي زبردستي عملي خلاف ليٽر ڪڍيندو هو ۽  ڊي ايڇ او جي آفيس جا تالا ٽوڙڻ ۽ گار گند ڪرڻ جي وڊيو به وائرل ٿي هئي پر ڪوبه ايڪشن نه ٿي سگهيو هو  اڄ هن ظالم جي اداري مان انتها جو ڏينهن آهي، ڪن جي اچڻ سان ادارا خوشحال ٿيندا آهن ته ڪن جي وڃڻ سان ۽ اڄ سمورو ضلعو خوشيون ڪندو ته هنن مٿان ڏمر ٽريو آهي ۽ ملازم سک جو ساه کڻندا ۽ قانوني ادارن کان مطالبو به ڪن ٿا ته هن جي مٿان جيڪي به ڪيس آهن انهن جي هن کي سزا ڏني وڃي جيڪي گورنمينٽ جون چار  گاڏيون هن وڪرو ڪيون آهن اهي واپس ڪرايون وڃن ۽ هڪ ئي اداري مان کنيل ٻه پگهاريون واپس ڪرايون وڃن جيڪي هن ڊبليو ايڇ او ۽ گورنمينٽ کان هڪ ئي وقت ڪئي سالن تائين کنيون آهن گورنمينٽ جي قانون مطابق اگر اوهان ڪنهن ٻيء اداري ۾ ڪم ڪيو ٿا ته اوستائين اوهان جي سروس ڪائونٽ ڪئي ويندي پر اوهان کي اداري مان پگهار نه ملندي ۽ هن شخص ٻنهي طرفن کان پگهارون کنيون آهن  جيڪو غير قانوني آهن هاڻي اهي پگهارون ۽ گاڏين جا پيسا هن جي پينشن مان ڪٽي گورنمينٽ جي خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن جيڪو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي ۽ هن مان عوام کي فائدو ملي سگهي

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *