ميرپور ماٿيلو ۽ آس پاس جا اسڪول تباهي ڪناري

ميرپور ماٿيلو ۽ آس پاس جا اسڪول تباهي ڪناري

Size
Price:

Read more

Sojhro_News

sojhro news



ميرپور ماٿيلو ۽ آس پاس جا اسڪول تباهي ڪناري 


اڪثر  اسڪولن ۾ هن مهل تائين ڪتاب به مهيا نه ٿي سگهيا


اڪثر بلڊگون تباهي ڪناري فرنيچر به مهيا ۽ ڪتابن جي کوٽ


اسڪول حاجي چڀڙ چڍڙ ۾ فرنيچر جي کوٺ استاد به مقرر نه ٿي سگهيا



سوجهرو نيوز رپورٽر علي دوست گڏاڻي 

خبر موجب تعلقي ميرپورماٿيلو جا اڪثر  اسڪول تباھي ۽ بربادي جي ڪناري پھتل اسڪولن ۾ پڙهائي کان وٺي بلڊنگون فرنيچر ۽ ٻيون بنيادي سهولتون اڻلڀ، تعليم مڪمل تباھ، تعليم کاتي ۾ ڪرپشن سرعام ٿيڻ ڪري  مستقبل جا معمار ٻارڙا جاھل ٿيڻ جو خطرو  اسڪولن ۾ استاد صرف حاضري ڀري ھليا ويندا آهن، ھن سال  تعلقي ميرپور ماٿيلي جي اڪثر اسڪولن ۾ ڪتاب به  مھيا نه ٿي سگهيا  تعلقي ميرپور جي يوسي سونو پتافي جي اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جو فقدان ۽ هن مهل تائين ڪتاب مهيا نه ٿيڻ ڪري ٻارڙا پريشان  جنھن ۾ اسڪول ڳوٺ ناڙي گڏاڻي، خدا بخش گڏاڻي، الله ڏنو ميتلو، اسڪول شمس الدين چڍڙ، غلام مصطفیٰ گڏاڻي، غلام محمد گڏاڻي،  راڻو گڏاڻي، گاجي گڏاڻي، پٽاڻ خان گبول، مير پتافي، نبي بخش پتافي، ڪمون گڏاڻي ۽ اھڙا سوين متاثر اسڪول آھن جيڪي تباھي جي ڪناري پھتل آھن
 
 

اسڪول بچو چڍڙ ۾ فرنيچر جي کوٺ استاد به مقرر نه ٿي سگهيا

 
 
 
 
 ڳوٺ حاجي چڀڙ چڍڙ ۾ قائم اسڪول بچو چڍڙ ۾ مڪمل ڪتاب مهيا نه ٿي سگهيا هن  اسڪول جو ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار هن اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب ٻارڙا هيٺ ويهي تعليم پيرائڻ تي مجبور ۽ سئو کان مٿي ٻارن کي صرف هڪ استاد پڙهائي ٿو هن اسڪول ۾ ڪئي سالن کان وڌيڪ استاد مقرر نه ٿي سگهيا آهن ڳوٺاڻن تعليم جي وزير سردار شاھ سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ ڊي او احمد دين ميراڻي کان مطابو ڪيو آهي ته خدارا اسان جي ٻچن کي جاھل نه بڻايو  ۽ هنن اسڪولن ۾ سٺا استاد مقرر ڪري بلڊنگ ۽ فرنيچر مهيا ڪيو وڃي جيئن هتان جي تعليم ۾ سڌارو اچي سگهي

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *