سنڌ جو ثقافتي ڏيهاڙو

سنڌ جو ثقافتي ڏيهاڙو

Size
Price:

Read more

Kalam

sojhro news


(سنڌ جو ثقافتي ڏيهاڙو) 


صفدر علي ڪولاچي 

04 ڊسمبر سنڌ جي ٽقافت جو ڏيهاڙو آهي ۽ انهي عظيم ڏينهن  تي دنيا جي هر ڪنڊڪڙڇ ۾ اسين سنڌي هن ڏيهاڙي کي ٽوپي اجرڪ پائي وڏي جوش ۽ خروش سان ملهائيندا آهيون ڇو ته سنڌ اسان کي پياري آهي ۽ سنڌ سان بيحد محبت آهي ۽ اسان کي ثقافتي ڏيھاڙو ملهائڻ تي فخر محسوس ٿيندو آهي سنڌ سان محبت ۽ عشق آهي جيڪو  اسان سنڌين جي وجود جو حصو آهي، انهي حوالي
.سان منهنجي هڪ راء آهي سوچيم ته ڇو نه پنهنجي سنڌي ڀائرن ۽ دوستن سان ونڊ ڪيا.

سنڌي جي ثقافت جي ڏيهاڙي جيڪڏهن ڪنهن غريب، مسڪين، نادار، يتيم، بي سهارا، بي پهچ، ڀاء يا ڀيڻ جي مدد  ڪجي ۽ ڪنهن غريب خاندان جي سهائتا ڪجي ته ٽقافتي ڏيهاڙي کي چار چنڊ لڳي ويندا ۽ انهي عظيم ڏيهاڙي کي ملهائيندي ڪيترن بي سهارا ۽ غريب ماڻهن جي مدد ٿي سگهي ٿي. ائين ناهي ته ماڻهو ائين نه ڪندا هوندا ضرور ڪٿي نه ڪٿي ماڻهو اهو فلاح جو ڪم انهي ڏيهاڙي تي ڪندا به هوندا پر جي اسين انهي سنڌ جي ثقافتي ڏيهاڙي ئي ڪنهن غريب خاندان جي انفرادي توڙي اجتماعي طور تي مدد ڪئي ته شايد دنيا ۾ انهي ڏيهاڙي تي ڪيترائي ماڻهن جون دعائون پڻ وٺي سگهون ٿا. دوست پنهنجي راء ضرور ڏيندا.
مهرباني

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *