اسسٽنٽ ڪمشنر پاران صحافين تي داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم نه ٿي سگهيا

اسسٽنٽ ڪمشنر پاران صحافين تي داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم نه ٿي سگهيا

Size
Price:

Read more

sojhro_news,

sojhro news




اسسٽنٽ ڪمشنر پاران صحافين تي داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم نه ٿي سگهيا


قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي پارٽين پاران ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس آڏو ڌرڻو،


آزاد صحافت زنده باد جا زوردار نعرا،


اي ڊي سي جون  صحافين سان ڳالهيون ٻن ڏينهن اندر  مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو


ميرپورماٿيلو رپورٽ  قاضي اياز ڪلوڙ


اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورماٿيلو احمر پاران نجي ٽي وي جي ڪيمرامين سڌير لوهار مٿان ڪوريج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ داخل ڪرايل ڪوڙو ڪيس ختم نه ٿي سگهيو، قلم ڌڻين ۽ سياسي پارٽين جيئي سنڌ محاذ،ايس يو پي،پ پ شهيد ڀٽو ۽ نوجوان اتحاد پاران عبداللطيف لغاري،لالا قادر ڀٽو،جلال بوزدار،حنيف سومرو اڪرم ميتلو نظير شيخ ڪمال مهر اياز کهاوڙ سعيد بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي،صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيو ۽ آزاد صحافت جا زوردار نعرا هنيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انڪروچمينٽ خلاف ڪيل احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ تي  اي سي پاران صحافين تي ڪوڙو ۽ من گهڙت ڪيس داخل ڪرايو آهي جيڪا سراسر نا انصافي آهي صحافي ڪرمنل يا ڏوهاري ناهن جو انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انهن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حق سچ لکڻ اسان جو فرض آهي جيڪو نڀايون پيا اگر اهو عمل انهن کي ڏوهه ٿو لڳي ته انهي ڏوهه کان ڪڏهن به نه مڙنداسين ۽ اگر ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته ڪمشنر سکر جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين هوڏانهن اي ڊي سي پاران صحافين سان ڳالهيون ڪيون ۽ ٻن ڏينهن اندر مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي.



vedio


 

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *