sojro news

sojro news

Size
Price:

Read more

sojhro news


sojhro_news,


ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان جسقم اڳواڻن جي رابطا مهم جاري


4 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو سنڌي ثقافتي عيد آهي ۽ هي خوشين جو ڏينهن آهي اڳواڻ 



نوجوان اتحاد جي اڳواڻن جنيد جلباڻي اياز کهاوڙ وقار بوزدار سان گڏجاڻي ڪري جسقم طرفان اعلانيل ريلي جي دعوت ڏني.




ميرپور ماٿيلو رپورٽر قاضي اياز ڪلوڙ

 
خبر موجب  4  ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان جسقم اڳواڻن جي رابطا مهم جاري جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ مير حسن لاشاري طرفان نوجوان اتحاد ميرپورماٿيلو جي اڳواڻن جنيد جلباڻي اياز کهاوڙ وقار بوزدار سان گڏجاڻي ڪري ايڪتا ڏهاڙي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني ان موقعي تي جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ مير حسن لاشاري نوجوان اتحاد جي اڳواڻن جنيد جلباڻي اياز کهاوڙ وقار بوزدار چيو ته سنڌ صوفين درويشن  جي ڌرتي رهي آهي جنهن سدائين پيار محبت امن جو پيغام ڏنو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري سبب سنڌ جو امن تباه ٿي رهيو آهي جنهن جي نيڪالي لاء سگھاري جدوجھد جي ضرورت آهي هنن وڌيڪ چيو ته 4 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو سنڌ جي ثقافتي عيد آهي جسقم ضلع گهوٽڪي طرفان سڄي سنڌ وانگر گهوٽڪي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو ان ۾ وڌ کان وڌ نوجوان شريڪ ٿي پنهنجي ڌرتي امڙ سان محبت جو ثبوت ڏين هنن چيو ته اسان جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي ۽ زنده قومون ئي پنهنجي ثقافتن کي اجاگر ڪنديون آهن

0 Reviews

Contact Form

Name

Email *

Message *